سنڌي سٻاجهڙا

سنڌي سٻاجهڙا

سنڌي سٻاجهڙا

سنڌي سٻاجهڙا (ڪتاب): هي نامور اديب ۽ تعليمدان، محمد اسماعيل عرساڻي (اڳوڻي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ضلعي حيدرآباد) جو لکيل آهي. هي ڪتاب، عرساڻي صاحب جي، محب وطن عالم مولانا دين محمد وفائيءَ جي هدايت تي رسالي ’توحيد‘ لاءِ لکيل مضمون ’سنڌي ۽ سندس رهڻي ڪهڻي‘ تي مشتمل آهي، جنهن لاءِ مولانا کيس ’نج سنڌي‘ زبان ڪم آڻڻ جي تاڪيد ڪئي هئي.
ابتدا ۾ رسالي ’توحيد‘ ۾ ڪجهه مضمون ڇپيا ۽ بعد ۾ اُن کي ڪتابي صورت ڏئي، ڪتاب جو نالو ’سنڌي سٻاجهڙا‘ رکيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ڪرائون سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هو، جيڪو 52-1953ع ۾ آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد ڇاپيو هو، جنهن جي قيمت 12 آنا هئي. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو به ساڳي اداري ڇپايو هو، جڏهن ته اُن جو ٽيون ڇاپو، سنڌي ڪتاب گهر، حيدرآباد، آگسٽ 1956ع ۾ ڪرائون سائيز جي 69 صفحن تي ڇپائي پڌرو ڪيو. ناشر ع. ع. ڀٽيءَ جي نوٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪتاب تي ڪن ڪوتاهه انديش نون سنڌين (اردودانن) اعتراض ڪيو هو، ان ڪري ’سنڌي ڪتاب گهر‘ هن ڪتاب جو اڳتي هلي اردو ترجمو شايع ڪري، ڪتاب خلاف پيدا ٿيل غلط فهميون ختم ڪيون هيون.
’سنڌي سٻاجهڙا‘ ڪتاب ۾ سنڌين جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ زندگيءَ جي هيٺين رخن تي روشني وڌي وئي آهي: ويس، کاڌو، پرڻو، مرڻو، کيڪار، خبرون چارون، وندر يا رانديون، مهمان نوازي، سُخن جي سچائي، راڄوڻي، بهادري، ڏيتي ۽ امانت، غيرت، دينداري، سرڪار سان وفاداري، پن ۽ دوستي ڄاڻايل آهن. سيد غلام مصطفيٰ شاهه اڳتي هلي عرساڻي صاحب جا ٻه ڪتاب: ’سنڌي سٻاجهڙا‘ ۽ ’بدنصيب ٿري‘ گڏي، ’ٻه ڪتاب‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو